شاهن باڊاهي

شاهن باڊاهي

شاهن باڊاهي

شاهن باڊاهي: برک شاعر ۽ براڊڪاسٽر شاهن باڊاهيءَ جو پورو نالو شاهه محمد ولد عبداللطيف ميمڻ هو. سندس جنم، 2 فبروري 1950ع تي باڊهه شهر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول باڊهه، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه، انٽر گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ايم. اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان صحافت جي شعبي ۾ ڪئي. شاهن باڊاهي ادبي دنيا ۾ 1968ع ڌاري پير پاتو، جنهن دوران سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايد ٿيندي رهي. هيءُ 1982ع ۾ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ خبرن واري شعبي ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ اتان نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان ڪافي عرصو سنڌيءَ ۾ به خبرون پڙهندو رهيو. جنهن بعد حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، لاهور ۽ لاڙڪاڻو ريڊيو اسٽيشن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين ۽ ترقي ڪري نيوز ايڊيٽر ۽ ڊپٽي ڪنٽرولر نيوز پڻ رهيو. جنهن عهدي تان لاڙڪاڻي ريڊيو تان بيماريءَ سبب رٽائر ڪيائين. شاهن باڊاهي 1972ع ۾ تعليم کاتي، گورنمينٽ بوائز اسڪول ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو پرائمري استاد به رهيو، پوءِ 1974ع ۾ ترقي ڪري JST مقرر ٿيو. 1978ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور نوڪري ڪري صحافت جي شروعات ڪيائين. شاهن باڊاهي لاڙڪاڻي ۾ قائم ريڊيو اسٽيشن ۽ ايس ٽي اين (شاليمار ٽيليويزن نيٽ ورڪ) جي بنياد وجهندڙن مان آهي. هن ريڊيو اسٽيشن ۽ ايس. ٽي. اين جي لاڙڪاڻي ۾ بنياد رکڻ لاءِ تڏهوڪي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو کي ڊرافٽ ٺاهي ڏنا هئا.
شاهن باڊاهيءَ جي شاعري مختلف فنڪارن: سينگار علي سليم، فوزيه سومرو، برڪت ڀٽ، غلام علي سنديلو، شبير سمون ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. سينگار علي سليم جي آواز ۾ سندس ڪلام ‘ننڊ اکين مان اڏري وئي’ ۽ فوزيه سومرو جي آواز ۾ هڪ گيت ‘من اڱڻ تي ساجن ايندا’ بيحد مقبول ٿيا. هن باڊهه شهر ۾ علمي ادبي سرگرمين جي شروعات ڪري نوجوانن کي اُتساهڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت باڊهه جو بنياد پڻ وڌو. شاهن باڊاهيءَ جي سموري زندگي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ خدمتون ڪندي گذري. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتابڙو ‘ڏس ته سهي’ (1968ع)، ٻيو ڪتاب ‘جيون سارو ڳوڙها’ (2013ع) ڇپيل آهن، جڏهن ته سندس ڪالمن جو هڪ ڪتاب ‘جوڳي ڏاڍي ذات’ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
کيس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا، جن ۾ ‘سنڌ فنڪار تنظيم’ طرفان 1990ع ۾ ‘محمد يوسف اوارڊ’، 1991ع ۾ ‘سنڌ فنڪار اوارڊ’، 1992ع ۾ ‘سنڌ فنڪار اوارڊ’، ‘سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ’ طرفان 1997ع ۾ ‘سنڌ ايڪسيلينٽ اوارڊ’، ‘ڊراما آرٽسٽ فورم’ گهوٽڪيءَ طرفان 1993ع ۾ ‘بهترين ڪارڪردگي اوارڊ’، ‘مهراڻ ادبي ڪائونسل’ باڊهه طرفان 1994ع ۾ ‘بهترين ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ’، ‘سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم’ طرفان 1994ع ۾ ‘لوڪ ادب ۾ مڃتا طور سنَد’، ‘سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ’ طرفان 2013ع ۾ ‘لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ’ سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ شامل آهن.
شاهن باڊاهي دماغ جي بيماريءَ ۾ مسلسل 15 سال مبتلا رهيو. 63 ورهين جي ڄمار ۾ 27 سيپٽمبر 2013ع ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه قاسم آباد، حيدرآباد جي علائقي ۾ گل شاهه جي قبرستان ۾ آهي. سندس هڪ پٽ ممتاز ميمڻ صحافت سان سلهاڙيل آهي ۽ اديب آهي.


لفظ شاهن باڊاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.02.02  عيسوي

برک شاعر ۽ براڊڪاسٽر شاهن باڊاهيءَ جو پورو نالو شاهه محمد ولد عبداللطيف ميمڻ هو. سندس جنم، 2 فبروري 1950ع تي باڊهه شهر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.


2013.09.17  عيسوي

شاهن باڊاهي دماغ جي بيماريءَ ۾ مسلسل 15 سال مبتلا رهيو. 63 ورهين جي ڄمار ۾ 27 سيپٽمبر 2013ع ۾ وفات ڪيائين.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڦتن پُرسواڻي
رضا بخاري
اسماعيل اداسي
شاهه احمد غوري
مراد علي شر
احمد فقير لغاري
غلام علي فقير زنگيجو
انور منصور مڱريو
اسلم عباسي
شاهين سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون